قربان جيلاني

قربان جيلاني

قربان جيلاني

قربان جيلاني: ريڊيو، ٽي. وي ۽ فلم جي مشھور اداڪار قربان جيلانيءَ جو جنم 18 سيپٽمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. حيدرآباد مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، 1959ع ۾ هُن پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي. 1966ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر شروع ٿيڻ کان پوءِ قربان جيلاني، پي ٽي وي تي شروع ۾ ميزبان طور ۽ پوءِ ڊرامن ۾ اداڪاري طور ڪم شروع ڪيو، اُن دوران هن پي ٽي وي جي مشھور اداڪارا عذرا شيروانيءَ سان شادي ڪئي.فلمي دنيا ۾ هو اداڪار محمد علي ۽ مصطفيٰ قريشي جو همعصر رهيو. هن اٽڪل 16 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ 8 فلمون اردو،7 فلمون سنڌي ۽ هڪ پنجابي آهي. سندس مشھور سنڌي فلمون: ’جيجل‘، ’رت جي راند‘، ’رت جا رشتا‘، ’چانڊوڪي‘ ۽ ’شھزور‘، جڏهن ته مشھور اردو فلمون: ’جھان تم وهان هم‘ ۽ ’البيلي‘ آهن. سندس مشھور ڊرامن ۾: ’انڪل عرفي‘، ’ڇوٽي سي دنيا‘، ’انتظار فرمائيي‘، ’شمع‘، ’رات ڪي آنکين‘، ’ديوارين‘، ’الجهن‘ ۽ ’ناديه‘ شامل آهن. هن ريڊيو ٽيليويزن ۽ اسٽيج جي فنڪارن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ تنظيم ’ايڪٽر ايڪٽوٽي‘ به جوڙي هئي. سندس ٻه فرزند عدنان ۽ ڪامران جيلاني به اداڪاريءَ سان سلھاڙيل آهن. 30 آڪٽوبر 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تربت گلشن اقبال جي هڪ قبرستان ۾ آهي.


لفظ قربان جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.09.18  عيسوي

ريڊيو، ٽي. وي ۽ فلم جي مشھور اداڪار قربان جيلانيءَ جو جنم 18 سيپٽمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.


1996.10.30  عيسوي

قربان جيلاني 30 آڪٽوبر 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تربت گلشن اقبال جي هڪ قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد ڪورائي
ابن الجوزي
آمنه سومرو ڊاڪٽر
سيد مير علي هراتي
خاصخيلي غلام حسين ملهه
عبدالحڪيم سومرو مولانا
پير غلام شاهه جيلاني
درس ظهورالحسن مولانا
رضوي سيد بلال شاهه
خليل کوسو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون